سامي ساگر بوند ۾

سامي ساگر بوند ۾

سامي ساگر بوند ۾

سامي ساگر بوند ۾ (ڪتاب): هي ڪتاب ’سامي‘ چينراءِ جي جيون چرتر، سلوڪن ۽ سنڌ جي تاريخي ۽ سماجي حالتن بابت تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي، جيڪو ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي ترتيب ڏنو آهي. پيش لفظ ۾ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي، ساميءَ جي شاعريءَ ۾ فني پختگيءَ ۽ فڪري اڏام بابت ويچار ظاهر ڪيا آهن. ليکڪ هن ڪتاب جي ارپنا پنهنجي استاد ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ ڊاڪٽر هدايت پريم جي نالي ڪئي آهي.
هن ڪتاب ۾ پيش لفظ سميت ڪل 16 تحقيقي مقالا شامل ڪيا ويا آهن، انهن مان ڪي مقالا تمام پراڻا آهن ته ڪي موجوده وقت جا ۽ نوان آهن، جن جا ليکڪ ڄيٺمل پرسرام گدواڻي، لطف الله بدوي، سشيلا موٽواڻي، ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي، رشي ڏيارام گدومل، ڪلياڻ آڏواڻي، شيوارام نرسنگهه داس ڦيرواڻي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، قيمت راءِ هريسنگهاڻي، ديپچند بيلاڻي، ڪرشن راهي، گورڌن شرما گهايل، ڊاڪٽر تهمينه مفتي ۽ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو آهن. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب، 150 صفحن تي مشتمل آهي. ان جو پهريون ڇاپو فيبروري 2002ع ۾، پريم ساگر پبليڪيشن، ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو